SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قوم پرستيءَ جي تحريڪ


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

قوم پرستيءَ جي تحريڪ

(Movement of Nationalism)

قوم ھڪ مخصوص جاگرافيائيحدن ۾ رھڻ وارن انھن ماڻھن کي چئجي ٿو، جن جون رسمون رواج، تھذيب ۽ تمدن، ٻولي ۽ تاريخ ھڪجھڙي ھجي. ھڪ گروھھ يا ٽولو قوم سڏائڻ جي اهل نھ اھي ۽ نھ ئي وري انھن ماڻھن جي ٽولي کي قوم سڏي سگھجي ٿو جيڪي ٻولي، ثقاکت، تھذيب، تمدن ۽ تاريخ بھ ساکي نه رکندا ھجن.قومون اوچتو وجود ۾ نھ اينديون اھن. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ قوم پرستي جو رجحان انتھائي پراڻو اھي. سومرن جي دور جي رزميھ گاھن کان وٺي موجوده دور جي سياسي حالتن تي اسرندڙ ادب قوم پرستيءَ واري تحريڪ جو حصو اھي. قوم پرستيءَ جو لاڙو ملڪي حالتن جي پيداوار ھوندو اھي. سنڌي ادب ۾ ھي لاڙو ’ون يونٽ‘ کان پوءِ ھڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ويو. سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن ھڪ منظم تحريڪ شروع ڪئي. جنھن جو مقصد سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي قومي، ثقافتي ورثي جي حفاظت ھو. ھن تحريڪ جي اھم اديبن ۾ محمد ابراھيم جويو، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، سراج ميمڻ، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر نجم عباسي، رسول بخش پليجو، نياز ھمايوني، استاد بخاري، امرجليل، ماھتاب محبوب، امداد حسيني، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، خاڪي جويو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ۽ اديب اچي وڃن ٿا. ھن تحريڪ ھيٺ جيڪو بھ ادب سرجيو ان ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار، سنڌ جي استحصالي طبقي تي ڦٽڪار، سنڌ جي سورمن جي تعريف، سنڌي ٻولي سان محبت جو اظھار، سنڌ جي قديم اثارن تي فخر ڪرڻ، ڪلاسيڪل شاعرن جي عظمت جو اظھار، ملڪي سماجي حالتن جي عڪاسي ھن دور جون خاص خوبيون اھن.


Remember Me Also:

شتاب

ذ. ظرف. ف. تڪڙو ، جلد ، جلدي ، يڪدم ، لُرَ ۾ ، تڪڙ ۾ ، ٺَهه ڦَهه ، ترت ، جهَٽُ پَٽ ، فورا. ث. ذ. تَعجِيل ، تڪڙ ، اُٻهرائِي. سگهائي ، سيگهه ، جلدائي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal